Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:50 - Muslim Sindhi Bible

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

50 يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:50
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي.


هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن ڪجھہ ڪمايو آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنهن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.


تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون خداوند جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“


پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جي ملائڪن کي ابنِ آدم تي نازل ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون ايمان رکندينءَ تہ خدا جي عظمت ڏسندينءَ؟“


عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ