Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:34 - Muslim Sindhi Bible

34 هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي خدا جو فرزند آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ مون ڏٺو آهي، ۽ شاهدي ڀري اٿم تہ هيءُ خدا جو فرزند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 مون اھو ڏٺو آھي ۽ شاھدي ٿو ڏيان تہ ھيءُ خدا جو فرزند آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:34
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، زندہ خدا جا فرزند.“


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“


هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“


پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“


چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“


عيسيٰ کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا فرزند! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“


خدا جي فرزند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.


تڏهن آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. تڏهن آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“


جڏهن تہ آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“


سو جڏهن پيءُ پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن دنيا ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان‘؟


مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، خداوند! منهنجو ايمان آهي تہ مسيح خدا جو فرزند، جيڪو دنيا ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“


تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جو فرزند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


اسين اوهان تي ايمان آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو اٿئون تہ اوهين ئي خدا جي طرفان پاڪ هستي آهيو.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنهن جي تبليغ مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪئي هئي، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


جيڪو فرزند جو انڪار ٿو ڪري تنهن وٽ پيءُ بہ نہ آهي، پر جيڪو فرزند جو اقرار ڪري ٿو تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.


جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري.


خدا پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئين زندگي حاصل ڪريون.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


جيڪو بہ مسيح جي تعليم تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي ۽ فرزند بہ.


هن مون کي ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ خدا جو فرزند جنهن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ