Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:25 - Muslim Sindhi Bible

25 انهن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي الياس نبي آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو نبي آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ اُنهن کانئس پڇيو ۽ چيائونس، تہ جي تون نہ مسيح آهين، نہ ايلياہ، ۽ نہ اُهو نبي، تڏهن بپتسما ڇو ٿو ڏين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 انهن يوحنا کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي ايلياہ آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو سنت آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 سو انھن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏھن تون نہ مسيح آھين، نہ الياس نبي آھين ۽ نڪي اھو نبي آھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:25
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو نبي عيسيٰ آهي.“


عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“


انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


جن کي موڪليو ويو هو تن مان ڪي فريسي بہ هئا.


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ