Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:18
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاجرہ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو تہ ”ڇا مون سچ پچ خدا کي ڏٺو آهي ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟“ سو جنهن ساڻس ڳالهايو هو تنهن جو نالو هن ”ڏسندڙ خدا“ رکيو.


پوءِ جڏهن خداوند ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اتان هليو ويو ۽ ابراهيم گھر موٽي آيو.


اوهين انهيءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏيو ۽ سندس چيو مڃو. هن سان سرڪشي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ کيس منهنجي اختياري هوندي، سو هو اوهان جي خطا معاف نہ ڪندو.


انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان.


تڏهن آءٌ ماهر ڪاريگر وانگر ساڻس گڏ هئس. هو روز بروز مون مان خوش ٿيندو هو، ۽ آءٌ هميشہ سندس حضور ۾ خوشيون ملهائيندي هئس.


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


اهي ننڍڙا ٻار پنهنجي مائن کان کاڌو ۽ کير گھرن ٿا، پر نہ ملڻ ڪري اهي ساڻا ٿي ائين ڪري پيا آهن، جيئن ڪو زخمي سپاهي گھٽيءَ ۾ پيو هجي. اهڙيءَ طرح انهن ٻارڙن جو پنهنجي مائرن جي جھوليءَ ۾ آهستي آهستي ساهہ نڪريو ٿو وڃي.


آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پيءُ ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو هو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين.


شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.


عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکاريو‘؟


مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“


دنيا مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالهايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آهي، تنهن جي شاهدي ڏيون ٿا. پر اوهان مان ڪوبہ اهڙو نہ آهي جيڪو اسان جي شاهدي قبول ڪري.


انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي.


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


تڏهن خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو. اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو پر شڪل ڪانہ ڏٺي، رڳو آواز ئي ٻڌو.


خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جي ظاهري صورت مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو.


هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“


خدا کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو خدا سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


خدا پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئين زندگي حاصل ڪريون.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ