Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 7:28 - Muslim Sindhi Bible

28 تنهنڪري تون کين چئُہ تہ ’اوهين اهڙي قوم آهيو جنهن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري سڌرڻ قبوليو اٿوَ. وفاداري اوهان مان ايتري قدر تہ ختم ٿي ويئي آهي جو اوهان جي وات مان انهيءَ بابت ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿي نڪري.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ تون هنن کي چئُہ تہ هي اُها قوم آهي، جنهن خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو آهي، ۽ نہ ڪا سيکت حاصل ڪئي اٿن: سچائي ناس ٿي ويئي آهي، ۽ هنن جي وات مان اُها نڪري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 7:28
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.


هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.


پر هنن نڪي ٻڌو ۽ نہ وري ڌيان ئي ڏنائون، بلڪ هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجو سڌارو قبول نہ ڪيائون.


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


مون آگاهہ ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن نبي موڪليا، جن اوهان کي چيو تہ ’نفيلن وسيلي خطري جو آواز ٻڌو،‘ پر اوهان جواب ڏنو تہ ’اسين ڪين ٻڌنداسين.‘


هو سڀ پٿر دل فسادي آهن، جيڪي گلائون ڪندا ٿا وتن. هو پنهنجي ضد ۾ پتل ۽ لوهہ جيان سخت آهن. هو سڀ بدديانتيءَ واري هلت ٿا هلن.


اي يروشلم! ڪجھہ سمجھہ کان ڪم وٺ، نہ تہ آءٌ تو کان منهن موڙي ڇڏيندس ۽ تو کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.“


اي اسرائيل وارؤ! خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي، سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي، ۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو، نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.


انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن، نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا. هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن، نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.


پوءِ مون سوچيو تہ يقيناً يروشلم وارا اهو ڏسي منهنجو خوف رکندا ۽ پنهنجو سڌارو قبول ڪندا. تڏهن منهنجيون سزائون هنن تي اچي نہ پونديون، نڪي سندن آبادي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي بہ هنن کي اڃا شوق آهي تہ هو بڇڙا ڪم ڪندا رهن، جيئن اڳي ڪيا اٿائون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ