يرمياہ 7:17 - Muslim Sindhi Bible17 تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.