Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:22 - Muslim Sindhi Bible

22 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


ٻڌو، خبر آئي آهي تہ اتر واري قوم ۾ وڏو هل هنگامو آهي! انهيءَ جو لشڪر يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ بڻائي ڇڏيندو.“


اي يروشلم جي وسندي! پنهنجيون اکيون کڻي اتر کان چڙهائي ڪري آيل پنهنجي دشمنن کي ڏس. هاڻ ٻڌاءِ تہ تنهنجي ملڪ جو پاليل ڌڻ ڪٿي آهي؟ هائو، تنهنجا اهي رهاڪو ڪٿي آهن جن تي تو کي وڏو ناز هو؟


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، مصيبت هڪڙيءَ قوم کان ٻي قوم تائين پکڙبي ٿي وڃي. هائو، اها ڌرتيءَ جي ڏورانهن ڇيڙن کان هڪڙي وڏي طوفان وانگر پکڙبي ٿي اچي.“


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.


هائو، هو قومن کي آگاهہ ٿا ڪن ۽ يروشلم ۾ هن ڳالهہ جي منادي ٿا ڪن تہ ”ڏورانهين ملڪ مان هڪ گھيرو ڪندڙ لشڪر يهوداہ جي شهرن خلاف جنگي نعرا هڻندو اچي ٿو.“


صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.


”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


هنن جا سڀ جوڌا جوان اهڙا آهن، جن جي تيرن ۾ موت ئي موت آهي.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس. آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.


خداوند خدا فرمايو تہ ”سو اي اهوليبہ! ياد رک، آءٌ تنهنجي انهن يارن کي تنهنجي خلاف اٿاري کڙو ڪندس، جن کان تون بيزار ٿي ويئي آهين. اهي اچي چئني طرفن کان تنهنجو گھيرو ڪندا.


ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ