Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:33 - Muslim Sindhi Bible

33 سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ هو پنهنجي قيدين واري پوشاڪ بدلائي حياتيءَ جا باقي ڏينهن سندس اڳيان ماني کائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:33
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون يوسف کي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو. سو کيس جلد قيدخاني مان آندو ويو. هو سيرب ٺهرائي ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو.


ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.


اهڙيءَ طرح مفيبوست جيڪو ٻنهي پيرن کان منڊڪائيندو هو، سو يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ هميشہ بادشاهہ جي دسترخوان تي ماني کائيندو هو.


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


”پر جِلعاد واري برزليءَ جي پٽن سان مهربانيءَ سان پيش اچجانءِ. هو تنهنجي دسترخوان تي ماني کائڻ وارن مان ٿين، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم کان ڀڳو هئس تڏهن هنن منهنجو ساٿ ڏنو هو.


سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو.


هاڻ تو ئي تہ منهنجي ماتم کي خوشيءَ جي ناچ ۾ تبديل ڪيو آهي. تو ئي تہ مون تان غم جو کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو سندرو ٻڌايو آهي،


سو ملائڪ پنهنجي سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جا ميرا ڪپڙا لاهيو.“ پوءِ هن يشوع کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ مان مراد آهي تہ تو تان تنهنجا گناهہ لاٿا ويا آهن ۽ هاڻ آءٌ تو کي عمدا ڪپڙا ڍڪائيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ