Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:31 - Muslim Sindhi Bible

31 يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿي وڃڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهويا ڪين جي قيد جي ستٽيهين ورهيہ ۾ ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ، پنهنجي بادشاهت جي پهرئين ورهيہ ۾، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي سرفراز ڪيو، ۽ هن کي قيد مان ڪڍيائين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تو کي آزاد ڪندو ۽ تو کي تنهنجو عهدو موٽائي ڏيندو. اڳي وانگر جيئن تون سندس ساقي هئين، تيئن تون وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين.


هاڻ ٽئين ڏينهن فرعون جي سالگرہ هئي، تنهن ڏينهن هن پنهنجي سڀني نوڪرن جي دعوت ڪئي. هن وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ کي آزاد ڪري پنهنجي سڀني نوڪرن جي سامهون گھرايو.


پوءِ جيڪي هيٺ ڪيرايا ويا آهن، تن کي تنهنجي دعا جي وسيلي بلند ڪيو ويندو، هائو، انهن دلگيرن کي خدا بچائي وٺندو.


سو منهنجا دشمن جيڪي منهنجي چوڌاري آهن، تن تي آءٌ غالب پوندس. تڏهن مقدس خيمي اندر آءٌ خوشيءَ جي نعرن سان قربانيون ڪندس. آءٌ ڳائيندي وڄائيندي خداوند جو حمد وَ ثنا ڪندس.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ