تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.
بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو.