Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:25 - Muslim Sindhi Bible

25 شهر وارن مان هن لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ستن شاهي صلاحڪارن کي پڻ قيد ڪري ورتو. لشڪر جي سپهہ‌سالار جو منشي، جيڪو ملڪ جي ماڻهن کي ڀرتي ڪندو هو ۽ ملڪ جا سٺ مکيہ ماڻهو، جيڪي شهر ۾ هٿ آيس تن سڀني کي پڻ هو قيد ڪري وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ شهر مان هن هڪڙي عملدار کي کنيو جو جنگي مردن جي مٿان مقرر هو؛ ۽ ست ماڻهو انهن مان جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، جي شهر ۾ لڌا ويا؛ ۽ لشڪر جي سردار جو منشي، جو ملڪ جي ماڻهن جي ياداشت لکندو هو: ۽ ملڪ جي ماڻهن مان سٺ ڄڻا جي شهر منجهہ هٿ آيا سي سڀ هو وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:25
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي اڃا يروشلم شهر ۾ هئا تن مان هو فوج جي سپهہ‌سالار ۽ پنجن شاهي صلاحڪارن کي پڻ قيد ڪري وٺي ويو. هن انهيءَ منشيءَ کي بہ قيد ڪيو جيڪو ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀرتي جو نگران هو. هن ملڪ جي سٺ مکيہ ماڻهن کي پڻ قيد ڪيو، جيڪي کيس شهر ۾ هٿ آيا.


جن ڏاهن ماڻهن کان هو اڪثر راءِ وٺندو هو ۽ جيڪي سندس درٻار ۾ حاضر رهندا هئا سي هي هئا: ڪارشينا، سِتار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان. اهي ست ڄڻا فارس ۽ مادئي ملڪن جا عملدار هئا جن کي شهنشاهت ۾ اعليٰ مقام حاصل هو.


تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ