تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيتايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.