Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ان کان علاوہ سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل شيون جن ۾ پياليون، پيالا، ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، رک لاءِ تغاريون، شمعدان، لوبان‌دان ۽ اوتڻ واري قربانيءَ جا پيالا شامل هئا، سي سڀ پڻ شاهي محافظن جو سالار کڻائي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ پياليون، ۽ باهہ کڻڻ جا ٿانوَ، ۽ پيالا، ۽ ديڳيون، ۽ شمعدان، ۽ چمچا، ۽ وڏا پيالا؛ انهن مان جيڪي سون جا هئا تن جو سون، ۽ جيڪي چانديءَ جا هئا تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان کان علاوہ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالن ۽ ٿالهن سميت ٻيون جيڪي بہ سون ۽ چانديءَ جون شيون هيون سي سڀ شاهي محافظ دستي جو سالار کڻائي ويو.


قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.


آءٌ اوهان جي وچ ۾ گھمندس ڦرندس. آءٌ ئي اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا.


هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ