Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:18 - Muslim Sindhi Bible

18 قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏاريون، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون، لوبان‌دان ۽ پتل جا ٻيا سڀ ٿانوَ جيڪي هيڪل جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا سي سڀ پڻ هو کڻي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون قينچيون، ۽ پيالا، ۽ چمچا، ۽ سڀ پتل جا ٿانوَ جن سان خدمت ڪندا هئا سي سڀ بہ هو کڻي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:18
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حورام ڪاريگر ٿانوَ، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺاهيا. اهڙيءَ طرح حورام ڪاريگر اُهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جيڪو کيس سليمان بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ڪرڻو هو يعني


تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ. اهي سڀ شيون جيڪي حورام ڪاريگر سليمان بادشاهہ جي خڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ٺاهيون سي چمڪندڙ پتل جون هيون.


پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.


دائود کيس اهي هدايتون پڻ ڏنيون تہ ڪيترو نج سون گوشت جي ڪنڍن، ٿالهن ۽ جڳن تي لاتو وڃي ۽ چانديءَ ۽ سون جي ٿانون تي ڪيتري چاندي ۽ سون استعمال ڪيو وڃي.


هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،


تغاريون، ڪوڏريون، گوشت لاءِ ڪنڍا ۽ ٻيو سڀ گھربل سامان. جيڪي شيون ماهر ڪاريگر حورام هيڪل لاءِ بادشاهہ سليمان جي حڪم موجب ٺاهيون سي سڀ چمڪندڙ پتل جون هيون.


ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، ٿالهہ، لوباندان ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا. اهو سڀ سامان نج سون مان ٺهرايو ويو. هيڪل جا دروازا يعني مقدس ترين جاءِ جا دروازا ۽ وڏي هال جا دروازا، پڻ سون مان ٺهرايا ويا.


هن ڏهہ ميزون ٺهرايون ۽ اهي بہ آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي. هن هڪ سؤ سونا ٿالهہ پڻ ٺهرايا.


ٽيهہ سون جا پيالا، چار سؤ ڏهہ ننڍا چانديءَ جا پيالا ۽ هڪ هزار ٻيا ٿانوَ.


تون ميز تي رکڻ لاءِ ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ ٺهرائج. اهي سڀ نج سون جا ٺهرائج.


تون ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا نج سون مان ٺهرائج.


قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.


هن ميز تي رکڻ لاءِ نج سون جا ٿانوَ ٺاهيا، يعني ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ.


هن انهيءَ جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺاهيا. انهن ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا پڻ نج سون جا ٺاهيائين.


هن قربان‌گاهہ جا سمورا ٿانوَ بہ ٺاهيا، يعني رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا. اهي سڀ ٿانوَ هن پتل مان ٺاهيا.


هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


نذراني جي روٽن واري ميز تي آسماني رنگ جو ڪپڙو وڇائين. انهيءَ تي ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ رکن. ان کان سواءِ انهيءَ تي روٽ بہ هميشہ رکيل هجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ