Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تڏهن پهري وارن جو سردار نبوزرادان ماڻهن مان جيڪي تمام غريب قسم جا ماڻهو هئا، ۽ شهر ۾ رهيل ماڻهن مان جيڪي باقي بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي نڪري اچي بابل جي بادشاهہ سان گڏيا هئا، تن کي ۽ باقي بچيل خلق کي قيد ڪري وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:15
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ستين تاريخ تي محافظ دستي جو سالار نبوزرادان، جيڪو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو عملدار هو، سو يروشلم ۾ اچي پهتو.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند جو فرمان مٿس وري وري نازل ٿيندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ يهوداہ جي ٻئي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي دوران بہ يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيندو رهيو. صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال جي پنجين مهيني ۾ يروشلم جا ماڻهو جلاوطن ڪيا ويا.


شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو.


جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو اوهان لاءِ هڪڙي نشاني آهي تہ باقي بچيل يروشلم وارن سان بہ ائين ئي ڪيو ويندو، کين شهر نيڪالي ملندي ۽ اهي پڻ جلاوطن ڪيا ويندا.


ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تان‌تہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بي‌حرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ