Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:13
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت هيءَ هيڪل اهڙيءَ طرح تہ ڊاهي ويندي جو جيڪي انهيءَ وٽان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪري چوندا تہ ’خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان ائين ڇو ڪيو آهي؟‘


هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.


اي خدا! هي ملڪ جيڪو تنهنجي ملڪيت آهي، تنهن ۾ ڌاريون قومون گھڙي آيون آهن. هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي ڊاهي ان جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، ۽ يروشلم شهر کي ڪيرائي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿائون.


مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آس‌پاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادين ماڙين سان هڪ وڏو محل تعمير ڪرائيندس.“ سو هو ان ۾ وڏيون دريون وجھرائي ٿو ۽ پوري محل کي اندران ديال جي ڪاٺي لڳرائي ۽ ڳاڙهو رنگ ڏياري سينگاري ٿو.


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


پر خير، ڀلي رات ڇو نہ ٿئي اسين رات جو ئي حملو ڪري سندس ڪوٽ ڪيرائي وجھنداسون.“


تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


هن پنهنجي هيڪل، جتي سندس ئي عبادت ڪئي ويندي هئي، تنهن کي ڊاهي ائين پَٽ ڪري ڇڏيو، جيئن ڪنهن باغ مان جھوپڙي ڊاهي پَٽ ڪئي وڃي. تنهنڪري پياري صيئون ۾ عيدون ۽ سبت جا ڏينهن نہ ٿا ملهايا وڃن. هن پنهنجي قهر ۽ غضب وچان، بادشاهہ توڙي ڪاهنن کي ڌڪاري ڇڏيو آهي.


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي، جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


ڏسو، جڏهن خداوند حڪم ڏيندو تڏهن وڏن وڏن گھرن ۾ ڦاٽ ۽ ننڍن گھرن ۾ ڏار پئجي ويندا، اهڙيءَ طرح اهي سڀيئي برباد ڪيا ويندا.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


اي لبنان! تون پنهنجيون سرحدون کولي ڇڏ، تہ جيئن باهہ تنهنجي ديال جي وڻن کي هڙپ ڪري وڃي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ