Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:61 - Muslim Sindhi Bible

61 مون سراياہ کي چيو تہ ”جڏهن تون بابل ۾ پهچين تڏهن ياد رک، اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍيان پڙهي ٻڌائجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

61 ۽ يرمياہ سراياہ کي چيو تہ جڏهن تون بابل ۾ اچين تڏهن ياد ڪري هي سڀ ڳالهيون پڙهجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:61
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون هي سڀ مصيبتون، جيڪي بابل تي اچڻيون هيون سي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ لکي ڇڏيون هيون. ان کان علاوہ بابل جي بنسبت ٻيون سڀ ڳالهيون پڻ ان ۾ لکيون ويون هيون.


پوءِ دعا گھرجانءِ تہ ’اي خداوند! تو ئي چيو آهي تہ تون هن شهر کي تباهہ ڪندين، انهيءَ لاءِ تہ ڪو انسان توڙي حيوان انهيءَ ۾ نہ رهي، بلڪ اهو هميشہ لاءِ ويران رهي.‘


عيسيٰ جيئن ئي هيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس اچي کيس هيڪل جون عمارتون ڏيکارڻ لڳا.


عيسيٰ جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“


جڏهن هي خط اوهين پڙهي پورو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي لوديڪيا جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانهن موڪليو ويو آهي، اهو اوهين بہ پڙهجو.


سو اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي همتائيندا ڪريو.


آءٌ خداوند عيسيٰ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني ايمان وارن اڳيان پڙهيو وڃي.


سڀاڳو آهي اهو جيڪو انهيءَ لکت جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اهي جيڪي ٻڌي ڪري انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ