يرمياہ 51:56 - Muslim Sindhi Bible56 هڪ تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي ڪاهي آيو آهي. بابل جا جنگي جوڌا پڪڙيا ويا آهن، ۽ انهن جا جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا آهن. بيشڪ آءٌ خداوند بدلو وٺندڙ خدا پورو پورو بدلو ٿو وٺان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible56 ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تانتہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“