Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:50 - Muslim Sindhi Bible

50 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا، سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو. اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:50
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن.


اي بني اسرائيل وارؤ! هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو. اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو، هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ ”خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


اي قيدي يروشلم! پنهنجي ڳچيءَ مان زنجير لاهي ڦٽو ڪر. هائو، اي صيئون! پاڻ تان مٽي ڇنڊي اُٿي پنهنجي تخت تي ويهہ.


سو اي پيارا اسرائيل وارؤ! پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪريو، رستي جي سڃاڻپ لاءِ اوهين ٿنڀا لڳايو. شاهي رستي ڏانهن ڌيان ڏيو، يعني اهو رستو جنهن تان اوهان کي هلي اچڻو آهي. هاڻي اوهين پنهنجن شهرن ڏانهن موٽي اچو.


البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.


اي بني اسرائيل وارؤ! بابل منجھان ڀڄي ٻاهر ٿيو. هائو، بابلين جي ملڪ منجھان انهيءَ ٻڪر وانگر جلدي نڪري وڃو، جيڪو ڪنهن جي انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڌڻ جي اڳيان نڪري هلندو ويندو آهي.


سو اي منهنجي قوم! اوهين انهيءَ منجھان نڪري وڃو، ڀڄي پنهنجا سر بچايو. مون خداوند جي غضبناڪ ڪاوڙ کان ڀڄي پري ٿيو.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


تڏهن پنهنجي سازش مطابق انهن ماڻهن اچي دانيال کي سندس خدا آڏو سوال ڪندي ڏٺو.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ