يرمياہ 51:49 - Muslim Sindhi Bible49 هائو، جهڙيءَ طرح بابل سڄيءَ دنيا جي ماڻهن ۾ موت وجھي ڇڏيو هو، تهڙيءَ طرح هاڻ بابل جي ماڻهن ۾ بہ موت پوندو، ڇاڪاڻ تہ هنن ڪيترائي بني اسرائيل ماري ڇڏيا آهن. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible49 جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،