Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:35 - Muslim Sindhi Bible

35 هاڻ ڀلي يروشلم جا رهاڪو چون تہ ”جيڪو ظلم اسان تي ٿيو آهي، سو شل بابل وارن جي سر تي پوي.“ هائو، صيئون جبل جا رهاڪو ڀل ائين چون تہ ”اسان جو خون شل بابلين جي ڳچيءَ ۾ پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 صيون جو رهاڪو چوندو تہ جيڪو ظلم مون سان ۽ منهنجن ماڻهن سان آهي سو شل بابل جي سر تي هجي؛ ۽ يروشلم چوندو تہ منهنجو خون شل ڪسديہ جي ماڻهن جي سر تي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:35
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري.


سو بابل لٽجي ويندو ۽ انهيءَ جا سڀ لٽيندڙ مالا مال ٿي ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي اوهان جي ڏسندي انهن سڀني ڪمن جي سزا ڏيندس جيڪي هنن يروشلم ۾ ڪيا هئا.


شل هنن جون بڇڙايون تو کان ڳجھيون نہ رهن! منهنجي سمورن گناهن جي ڪري جهڙي سزا تو مون کي ڏني آهي، تهڙي انهن کي بہ ڏي. سچ پچ تہ آءٌ اهڙي مايوس ٿي پيئي آهيان، جو منهنجيون آهون رڪجن ئي نہ ٿيون.“


جيڪو ظلم توهان لبنان جي ٻيلن سان ڪيو، سو توهان تي ئي اچي ڪڙڪندو، ۽ جيڪو ڪوس توهان اتي جي جانورن ۾ وڌو، جنهن سان هو ڊڄي ويا سو بہ توهان کي ئي ڏهڪائي ڇڏيندو. انهيءَ سبب جو توهان انساني رت وهايو آهي، هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن، ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.


پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


پر جي نہ، تہ پوءِ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي.“


خدا ائين انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن جِدعون جي ستر پٽن جي خون جو بدلو سندن ڀاءُ ابيملڪ کان ورتو وڃي، جنهن هنن کي مارايو هو ۽ سڪم جي ماڻهن کان بہ بدلو ورتو وڃي جن سندس ڀائرن جي مارڻ ۾ ابيملڪ جي مدد ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ