يرمياہ 50:46 - Muslim Sindhi Bible46 بابل جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز دنيا جي سڀني قومن تائين ٻڌو ويندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible46 بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“