Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:38 - Muslim Sindhi Bible

38 آءٌ اوهان جي ندين تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، تہ انهن جو پاڻي سڪي ويندو. آءٌ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪندس جو اوهان جو ملڪ بت‌پرستيءَ وارو ملڪ آهي، ۽ اوهين پنهنجي انهن هيبتناڪ بتن جا ديوانا بڻجي ويا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ان جي پاڻين تي خشڪ سالي آهي، ۽ اُهي سڪي ويندا: ڇالاءِ جو اها اُڪريل مورتن جي زمين آهي، ۽ هو بتن تي مست آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:38
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.


هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


پر هاڻي اوهان جي قوم تمام خوار خراب ٿيندي. اها قومن منجھہ سڀني کان حقير ڪئي ويندي، ۽ اوهان جو ملڪ بيابان، خشڪ زمين ۽ رڃ ٿي ويندو.


”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر، هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي، ان جي رهاڪن جو معبود مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي. هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي، ۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘


آءٌ بابل وارن جي مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس، ۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو، سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس. اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.


انهيءَ سبب جو اهو وقت يقيناً اچڻ وارو آهي، جڏهن آءٌ بابل جي بتن کي سزا ڏيندس. بابل جو سڄو ملڪ خوار خراب ٿيندو، ۽ ان جا سمورا ماڻهو ماريا ويندا.


ٻڌو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ خداوند بابل جي بتن کي سزا ڏيندس، ۽ سندن سڄي ملڪ ۾ زخمين جي ڪنجھڪار پئجي ويندي.


بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن.


هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.


جڏهن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رهيو هو، تڏهن هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شهر بتن سان ڀريو پيو آهي.


جڏهن ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان بادشاهہ پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن.


انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.


پوءِ شهر جي ماڻهن يوآس کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين کيس قتل ڪريون. هن بعل ديوتا جي قربان‌گاهہ ڊاهي ڇڏي آهي ۽ انهيءَ جي پاسي وارو يسيرہ ديويءَ جو ٿنڀو بہ وڍيو اٿس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ