Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:36 - Muslim Sindhi Bible

36 آءٌ اوهان جي ڪوڙين اڳڪٿي ڪندڙن تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، جنهن مان ثابت ٿيندو تہ اهي بي‌وقوف آهن. اوهان جا بهادر مرد بہ انهيءَ تلوار کان بچي نہ سگھندا، ۽ منجھن خوف وَ حراس ڦهلجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ٻٽاڪ هڻڻ وارن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي اجائي لڪ ڪندا: اُن جي بهادر مردن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي پريشان ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:36
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اخيتفل ابي‌سلوم سان گڏ بغاوت ۾ شامل هو، تڏهن هن دعا گھري تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي صلاح مصلحت کي بيعقليءَ ۾ بدلاءِ.“


تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


خداوند، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ ”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس. آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس، ۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.


آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.


تڏهن تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون کي موآب وارن جي مغروريءَ جي خبر آهي، پر اها فضول آهي. هنن جي ٻٽاڪن مان ڪي بہ ڪين ورندو.


ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ بابل جا جوان مرد پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ ماريا ويندا، هائو، ان جا سڀ جنگي جوڌا انهيءَ ڏينهن ماريا ويندا.“


تنهنجي ذريعي مون ڌنارن ۽ سندن ڌڻن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون هارين ۽ سندن ڏاندن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون سردارن ۽ حاڪمن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.“


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


ايتري قدر جو ندين جي گھاٽن تي بہ قبضا ٿي ويا آهن. ڍوري وارن ٻوڙن کي باهيون ڏنيون ويون آهن، ۽ پوري لشڪر ۾ حراس پئجي ويو آهي.


نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.


پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.


پوءِ جيڪو بہ تو کي ڏسندو سو تو کان ڀڄي پري ٿيندو، ۽ چوندو تہ ’ڏسو، نينواہ تہ کنڊر بڻجي ويو آهي. ڪير ان تي ترس کائيندو؟ ڪير آهي جيڪو هن کي دلاسو ڏئي؟‘“


اهڙيون ڳالهيون انهن ڪوڙن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جي ضمير کي شيطان ڏنڀ هڻي پنهنجو ظاهر ڪيو آهي.


تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙا، گلاخوري ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ