Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:33 - Muslim Sindhi Bible

33 اوهان اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن تي ظلم ڪيو آهي. اوهين انهن کي قيد ڪري قابو ڪيو ويٺا آهيو، ۽ کين آزاد ڪونہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، ٻنهي تي گڏ ظلم ٿا ٿين: ۽ جن انهن کي قيد ڪيو، سي انهن کي قابو ڪيو ويٺا آهن؛ اُهي انهن کي ڇڏي نٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:33
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“


جيڪڏهن تون انهن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تنهنجي سڄي ملڪ تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس.


هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن شهرن کي ڊاهي ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ دنيا کي بيابان بڻائي ڇڏيو هئائين، جنهن قيدين کي آزاد نہ ڪيو هو، تان‌تہ اهي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃن؟‘


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا، ۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي، بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس، جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ ’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


آءٌ انهن جو ٽڙيل پکڙيل اولاد پهريان وانگر گڏ ڪندس، ۽ اهي منهنجي حضور ۾ عبادت ڪندا رهندا. جيڪي انهن کي ستائيندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


هو جن جن کي بہ هٿ پئي آيا آهن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي. سندن اهي دشمن چون ٿا تہ ’اسين قصوروار ناهيون. هو انهيءَ ڪري تباهہ ٿيا آهن، جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، جيڪو سندن امن وَ خوشحاليءَ جي جاءِ ۽ سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ