Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ بابل جا جوان مرد پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ ماريا ويندا، هائو، ان جا سڀ جنگي جوڌا انهيءَ ڏينهن ماريا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:30
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.


انهيءَ ڏينهن ان جا نوجوان ماري گھٽين ۾ ڍير ڪيا ويندا، ۽ ان جا سڀ جنگي جوڌا قتل ڪيا ويندا.


آءٌ اوهان جي ڪوڙين اڳڪٿي ڪندڙن تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، جنهن مان ثابت ٿيندو تہ اهي بي‌وقوف آهن. اوهان جا بهادر مرد بہ انهيءَ تلوار کان بچي نہ سگھندا، ۽ منجھن خوف وَ حراس ڦهلجي ويندو.


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


بادشاهن، سپهہ‌سالارن، سپاهين، گھوڙن ۽ انهن جي سوارن جو ماس کائو. پوءِ اهي آزاد هجن توڙي غلام، ننڍا هجن توڙي وڏا، تن سڀني جو ماس کائو.“


ڌرتيءَ جا بادشاهہ، حاڪم، فوجي سردار، دولتمند ۽ زورآور، غلام توڙي آزاد هر ڪو ماڻهو جبلن جي غارن ۽ ڇِپن ۾ وڃي لڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ