Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:24 - Muslim Sindhi Bible

24 مون خداوند اوهان جي لاءِ ڪوڙڪي اڏي هئي، جنهن ۾ اوهين ڦاٿا آهيو، ۽ انهيءَ جي اوهان کي خبر ئي نہ پئي. هائو، مون اوهان کي آڻي ڦاسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون خداوند خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:24
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو سڀ ان ڪري آهي جو شريرن خدا کي للڪاريو آهي، ۽ قادرِمطلق خلاف مغروريءَ سان هليا آهن.


”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“


ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟


خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


اي موآب جا رهاڪؤ! آءٌ خداوند ٿو چوان تہ دهشت، کڏ ۽ ڦندو، اهي سڀ اوهان جا منتظر آهن.


جيڪي دهشت کان ڀڄي نڪرندا سي کڏ ۾ ڪري پوندا، ۽ جيڪي کڏ مان مٿي نڪري ايندا سي ڦندي ۾ ڦاسي پوندا. انهيءَ سبب جو مون خداوند اوهان موآب وارن لاءِ سزا جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


پر هاڻي اهو پيالو اوچتو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي. پوءِ خداوند ڌارين قومن کي چوندو تہ ”ڀلي اوهين ان جي لاءِ واءِ‌ويلا مچايو ۽ ان جي زخمن لاءِ ملم هٿ ڪريو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.“


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ