Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 50:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو بابل لٽجي ويندو ۽ انهيءَ جا سڀ لٽيندڙ مالا مال ٿي ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ ڪسديہ لٽجي ويندو: خداوند ٿو فرمائي تہ، اُتي سڀ لٽيندڙ ڍءُ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 50:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسان کي وڏي ملڪيت حاصل ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ دشمن جي جھنڊي جي ڪاٺي ڀڳل هوندي، ۽ سندن جھنڊو ڪريل هوندو. اسين دشمنن جي دولت مان جيڪي وڻندو، سو لٽي ڦري وٺنداسين. اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو منڊو ماڻهو بہ ان مان لٽي وٺندو.


پوءِ اسين مٿن حملو ڪري کين ائين لٽيون ڦريون ٿا، جيئن ماڪڙ جا ڪٽڪ فصل کائي چٽ ڪريو ڇڏين.


آءٌ تو کي لڪل خزانا، ۽ ڳجھين جاين ۾ پوريل دولت عطا ڪندس. پوءِ تون ڄاڻيندين تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو خدا آهيان، جنهن تنهنجو نالو وٺي تو کي سڏيو آهي.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.


سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


اي بابل جا دشمنؤ! اوهين هر طرف کان اچي بابل تي حملو ڪريو. ان جي اناج جا گدام ڀڃي خالي ڪريو. ملڪ کي ڊاهي ويران دڙا ڪري ڇڏيو. هائو، ان کي لٽي ڦري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن منجھس ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.


اوهان جي گھوڙن توڙي جنگي گھوڙي گاڏين تي بہ آءٌ تلوار کڙي ڪندس. اوهان جا ڌارين قومن وارا سمورا اتحادي بہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي عورتن وانگر ڊڄڻا ٿي پوندا. منهنجي انهيءَ تلوار کان اوهان جا خزانا بہ بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي لٽجي ڦرجي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي اوهان جي ڏسندي انهن سڀني ڪمن جي سزا ڏيندس جيڪي هنن يروشلم ۾ ڪيا هئا.


هاڻ ڀلي يروشلم جا رهاڪو چون تہ ”جيڪو ظلم اسان تي ٿيو آهي، سو شل بابل وارن جي سر تي پوي.“ هائو، صيئون جبل جا رهاڪو ڀل ائين چون تہ ”اسان جو خون شل بابلين جي ڳچيءَ ۾ پوي.“


پوءِ خداوند جي روح مون کي مٿي کڻي موٽائي آڻي بابل ۾ جلاوطنن وٽ لاٿو. تڏهن جيڪا رويا آءٌ ڏسي رهيو هئس سا پوري ٿي.


جيئن تہ اوهان گھڻين ئي قومن کي لٽيو ڦريو آهي، سو جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن سي وري توهان کي لٽيندا، ڇاڪاڻ تہ توهان انساني رت وهايو آهي. هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.


جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ