Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 5:26 - Muslim Sindhi Bible

26 بيشڪ، منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو بہ موجود آهن، جيڪي پکين کي ڦاسائيندڙن وانگر لڪا ويٺا آهن. هائو، اهي دوکيبازيءَ سان ماڻهن کي ڦندي ۾ ڦاسائيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو ڏسجن ٿا: اُهي ماريءَ وانگي لڪيو ويٺا نهارين؛ هو دام وجهيو ماڻهو پيا ڦاسائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 5:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“


”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بي‌گناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون.


جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تان‌تہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


هنن جي زبان هڪ موتمار تير مثل آهي، اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري. هائو، هر ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ ٻئي سان خير وَ سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر دل ۾ اُن لاءِ مندائي اٿس.


بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بي‌ايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ