يرمياہ 49:35 - Muslim Sindhi Bible35 ”آءٌ قادرِمطلق خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ عيلام ملڪ جي مکيہ طاقت تيرڪمان آهي، سو آءٌ سندن اها طاقت ٽوڙي ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible35 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، عيلام، جو انهن جي مکيہ طاقت آهي، تنهن جي آءٌ ڪمان ڀڃندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تانتہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،