يرمياہ 49:12 - Muslim Sindhi Bible12 خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن تہ بيڏوهي قومون بہ سزا کان نہ بچي سگھيون آهن، تہ پوءِ اوهين ڏوهي سزا کان ڪيئن بچندا! اوهين ڪين بچندا، بلڪ اوهان کي ضرور سزا ملندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي جي انهي پيالي پيئڻ وارا نہ هئا، سي ضرور پيئندا؛ ۽ تون اُهو آهين ڇا جو اصل بي سزا ڇڏيو ويندين؟ تون بي سزا ڇڏيو نہ ويندين، پر تون ضرور پيئندين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.