Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:45 - Muslim Sindhi Bible

45 تڏهن جيڪي ڀاڄوڪڙ هوندا، سي سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون جي پناهہ ۾ بيتابيءَ جي حالت ۾ اچي بيهي رهندا، پر حشبون شهر بہ ساڙي رک ڪيو ويندو، سو اها باهہ فسادين جي ملڪ موآب کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:45
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، امورين جي بادشاهہ سيحون کي، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهن کي هن قتل ڪري ڇڏيو.


هائو، قوم جي جوانن کي جنگ جي باهہ کائي ويئي، تنهنڪري منجھن جيڪي ڪنواريون هيون، تن جا سهرا نہ ڳايا ويا.


هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.


موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو، سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ ’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘ اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو، هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا.


تنهنڪري آءٌ موآب ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا قريوت جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح موآب وارا جنگ جي للڪار، نفيلن جي آواز، ۽ گوڙ گھمسان سان ختم ٿي ويندا.


انهن منجھان ئي سندن حاڪم بڻايا ويندا، جيڪي بنياد جي پٿر، تنبوءَ جي ڪليءَ، ۽ جنگي تيرڪمان مثل هوندا.


پوءِ بني اسرائيل امورين جي بادشاهہ سيحون ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ


حشبون شهر امورين جي بادشاهہ سيحون جو هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي برساتي نهر ارنون تائين هن جو سڄو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.


ڏسو، حشبون شهر مان باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي، جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي.


سو اي موآب وارؤ! اوهان سان ڪيڏو نہ ويل آهي! اوهين جيڪي ڪموش ديوتا جا پوڄاري آهيو، سي بلڪل تباهہ وَ برباد ٿي ويا آهيو. اوهان جي معبود اوهان جي پٽن کي ڀاڄوڪڙ، ۽ اوهان جي ڌيئرن کي اسان جي بادشاهہ سيحون جون بانديون بڻجڻ ڏنو آهي.


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ