يرمياہ 48:37 - Muslim Sindhi Bible37-38 موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible37 ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صور شهر تي اچي حملو ڪيو ۽ گھڻي وقت تائين گھيرو ڪري ويهي رهيو. هن پنهنجي لشڪر جي سپاهين کان ايترو تہ ڳرو وزن کڻايو جو انهن جا مٿا گسي گسي گنجا ٿي ويا ۽ سندن ڪلها ڇلجي زخمي ٿي پيا. پر انهيءَ جي باوجود بہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر کي لٽ ڦر جو مال هٿ اچي نہ سگھيو.