Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:29 - Muslim Sindhi Bible

29 اسان اوهان جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، تہ اوهين ڏاڍا مغرور ٿي ويا آهيو. هائو، اسان اوهان جي وڏائيءَ، مغروريءَ، گستاخيءَ ۽ اوهان جي دل جي هٺ بابت ٻڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.


مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.


هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پاڻ کي ٻين کان مٿاهون ٿا سمجھن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن نظر ۾ خسيس آهن.


خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.


اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ