Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 47:1 - Muslim Sindhi Bible

1 فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 فرعون غزہ کي شڪست ڏني، تنهن کان اڳي فلستين بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو سو هي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 47:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.


فرات نديءَ جي اولهہ طرف تفسح شهر کان وٺي غزہ شهر تائين سليمان حڪمراني ڪندو هو. فرات نديءَ جي اولهہ طرف جيڪي بہ بادشاهہ هئا سي سليمان بادشاهہ جو راڄ هئا ۽ هو انهن سڀني سان صلح سان رهندو هو.


”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


۽ مصر ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو، عُوض ملڪ جا سڀ بادشاهہ، فلستين جي ملڪ جي شهرن اسقلون، غزہ، عقرون جا سڀ بادشاهہ ۽ اشدود جا باقي بچي ويل ماڻهو،


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا اعلان ٿو ڪريان تہ آءٌ انهن تي حملو ڪري اتان جي سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيندس. ڪريتي قبيلي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري وارن ماڻهن تائين، سڀيئي فلستي ناس ٿي ويندا.


سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ