يرمياہ 46:27 - Muslim Sindhi Bible27 خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آسپاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آسپاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ.