يرمياہ 46:20 - Muslim Sindhi Bible20 مصر هڪڙي ڏاڍي سهڻي گابيءَ مثل آهي، پر اتر مان هڪڙي ڏنگيندڙ مک مٿس حملو ڪرڻ لاءِ اچي ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 مصر ڏاڍي سهڻي گابي آهي؛ پر اُتر مان خرابي اچي ٿي، اُها اڳ ئي هن تي آئي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.