يرمياہ 44:25 - Muslim Sindhi Bible25 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اوهان ۽ اوهان جي زالن جيڪي چيو هو سو ئي ڪري ڏيکاريو آهي تہ اوهين پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندا، آسمان جي راڻيءَ لاءِ قربانيون پيش ڪندا ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيندا. سو ڀلي وڃي پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجا قول پورا ڪريو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |