Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:19 - Muslim Sindhi Bible

19 انهن ۾ موجود عورتن وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪنديون هيونسين ۽ انهيءَ لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينديون هيونسين، تڏهن اسان جا مرد بہ انهيءَ ۾ راضي هئا تہ اسين ان جي لاءِ سندس شڪل واريون لوليون پچايون ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.


اهو ائين ڇو نہ ٿئي، ڇوجو اخي‌اب جهڙو ٻيو ڪوبہ اهڙو ماڻهو اڳ ڪونہ ٿيو هو جنهن پاڻ مڪمل طرح اهڙو ڪم ڪيو هجي جيڪو خدا جي نظر ۾ برو هجي، سو بہ پنهنجي زال جي چوڻ تي!


هو بدڪردار اخي‌اب ۽ اهڙن ٻين اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ اخي‌اب جي ڌيءَ سندس زال هئي. سو هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.


تڏهن اهي سڀ مرد جن کي خبر هئي تہ سندن زالون غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪنديون آهن ۽ اهي سڀ عورتون جيڪي وڏي انبوہ جي صورت ۾ اتي موجود هيون ۽ ساڻن گڏ اهي سڀ موجود ماڻهو پڻ جيڪي ڏکڻ توڙي اتر مصر ۾ رهندا هئا، تن مون يرمياہ کي چيو تہ


تڏهن اهڙيون ورنديون ڏيندڙ انهن مردن خواهہ عورتن کي مون چيو تہ


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.


پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ