Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 42:17 - Muslim Sindhi Bible

17 يقيناً ائين ئي ٿيندو جو جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي، سي اتي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا. انهن مان ڪوبہ انهيءَ مصيبت کان بچي ڪين سگھندو جيڪا آءٌ مٿن آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 42:17
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“


مون خداوند جو هي فرمان پئي ٻڌايو تہ ”جيڪو بہ هن شهر يروشلم ۾ ترسندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو، پر جيڪو هتان نڪري بابلين ڏانهن هليو ويندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.“


تہ پوءِ خداوند جو فرمان ٻڌي ڇڏيو، اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن مصر ۾ وڃي رهڻ جو اوهان جو ارادو پڪو آهي ۽ واقعي اتي وڃي رهندا تہ پوءِ


سو هاڻي پڪ ڄاڻو تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو رکو ٿا، اتي اوهين جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا.“


البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.


جيئن تہ اوهين جنگ کان ڊڄو ٿا، سو مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ جنگي لشڪر ئي اوهان تي چاڙهي آڻيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ