Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 41:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر انهن ۾ ڏهہ ماڻهو هئا جن اسماعيل کي چيو تہ اسان کي نہ مار: ڇالاءِ جو اسان وٽ ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جا، ۽ جوَن جا، ۽ تيل جا، ۽ ماکيءَ جا وڏا انداز لڪل آهن، تنهن ڪري هو باز آيو ۽ هنن کي سندن ڀائرن سان گڏ قتل نہ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 41:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”بيشڪ، انسان پنهنجي حياتي بچائڻ جي عيوض ۾ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي سو سڀ ڏيئي بہ ڇڏي تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي.


دولتمند پنهنجي دولت جي عيوض دشمنن کان پنهنجي جان ٿو ڇڏائي، مگر غريب ماڻهوءَ کي اهڙو ڪوبہ ڊپ ناهي.


آءٌ تو کي لڪل خزانا، ۽ ڳجھين جاين ۾ پوريل دولت عطا ڪندس. پوءِ تون ڄاڻيندين تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو خدا آهيان، جنهن تنهنجو نالو وٺي تو کي سڏيو آهي.


اهو کوهہ جنهن ۾ اسماعيل انهن سڀني ماڻهن جا لاش اڇلايا هئا سو ساڳيو وڏو کوهہ هو جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ آسا اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي گھيري جي ڊپ کان کوٽرايو هو. اسماعيل ولد نتنياہ ان کي لاشن سان ڀري ڇڏيو.


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ