Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن اهي جن هنڌن ڏانهن ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا اتان موٽي يهوداہ ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا، جتي هنن مئي ۽ اونهاري جا ميوا جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن سڀ يهودي جتي جتي هڪالجي ويا هئا اُتان موٽي يهوداہ جي ملڪ ۾ جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، ۽ شراب، ۽ گرميءَ وارا ميوا بي انداز گڏ ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جڏهن ٽڪرين تان ۽ ٻنين مان گاهہ لڻي گڏ ڪبو آهي ۽ سائو گاهہ نئين سر ڦٽي نڪرندو آهي،


آہ! هاڻي آءٌ سبماہ جي انگورن جي باغن لاءِ ائين ٿو روئان، جيئن يعزير لاءِ روئندو ٿو رهان. اي حشبون ۽ العالي شهرؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ لڙڪ وهائيندو ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ميون ۽ اناج جي فصلن تي جنگ جي تباهي اچي پيئي آهي.


ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“


ڪجھہ ڏينهن بعد يوحنان ولد قريح ۽ يهوداہ جي لشڪر جا سڀ سالار جيڪي اڃا تائين ٻاهر وڙهي رهيا هئا، سي مصفاہ ۾ جِدلياہ وٽ آيا.


تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.


اٽلندو يوحنان ۽ لشڪر جي سالارن يهوداہ جي انهن سڀني باقي بچيل ماڻهن کي پاڻ سان ساڻ کنيو، جيڪي انهن سڀني قومن مان يهوداہ ملڪ ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا، جتي کين هڪالي ڪڍيو ويو هو.


پر جڏهن کان اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽڻ ڇڏي ڏنيون آهن، تڏهن کان وٺي اسين هر شيءِ جا محتاج ٿي پيا آهيون ۽ جنگ ۽ ڏڪار سان ناس پيا ٿيون.“


سو منهنجيون رڍون ٻڪريون هر پهاڙ ۽ اوچي ٽڪر تي رلنديون رهيون. هائو، منهنجيون رڍون ٻڪريون سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. مگر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي کين هٿ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ