Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 38:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو عبدملڪ سوڊاني پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي محل ۾ خزاني واري ڪمري جي هيٺان ويو. اتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا ۽ پراڻيون اڳڙيون ڪڍيون ۽ اهي رسن ذريعي هيٺ لاهي مون کي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اُن موجب عبد ملڪ پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي گهر خزاني جي جاءِ جي هيٺان ويو، ۽ اُتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا، ۽ پراڻيون ڳريل اڳڙيون ڪڍيون، ۽ اُهي رسن سان هيٺ لاهي يرمياہ کي ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 38:11
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عبدملڪ کي بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”تون هتان پاڻ سان ٽي ماڻهو وٺي وڃ ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳ ۾ ئي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي وٺ.“


عبدملڪ مون کي چيو تہ ”اهي پراڻيون اڳڙيون ۽ ڦاٽل ڪپڙا رسن ۽ پنهنجي بغلن جي وچ ۾ رک.“ مون ائين ئي ڪيو.


سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.


عبدملڪ سوڊاني، جيڪو بادشاهہ جي محل ۾ ملازم هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ مون کي کوهہ ۾ اڇلايو ويو آهي، انهيءَ وقت بادشاهہ شهر جي بنيامين دروازي وٽ درٻار لڳايو ويٺو هو.


سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ