ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.
بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.
۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.