Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:7
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوهين وڃي منهنجي، ٻين ماڻهن جي ۽ سڄي يهوداہ جي طرفان هن لڌل ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين بابت خداوند کان پڇا ڪريو. خداوند اسان تي ضرور ڏمريو هوندو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب جي ڳالهين کي ڪونهي مڃيو جو اسان بابت جيڪي هن ۾ لکيل آهي تنهن تي پوريءَ طرح عمل ڪن ها.“


جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير معبودن اڳيان قربانيون پيش ڪيون اٿن ۽ پنهنجن اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، انهيءَ ڪري منهنجي ڪاوڙ يروشلم تي ڀڙڪي آهي جيڪا هرگز جھڪي نہ ٿيندي.‘


”اوهين وڃي منهنجي لاءِ ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ هن لڌل ڪتاب ۾ جيڪي ڪجھہ لکيل آهي تنهن بابت خداوند کان پڇا ڪريو. اسان تي خداوند جو تمام گھڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي، ڇوجو اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب ۾ لکيل خداوند جي فرمان کي نہ مڃيندي ان جي سڀني ڳالهين تي عمل نہ ڪيو.“


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند جو فرمان مٿس وري وري نازل ٿيندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ يهوداہ جي ٻئي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي دوران بہ يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيندو رهيو. صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال جي پنجين مهيني ۾ يروشلم جا ماڻهو جلاوطن ڪيا ويا.


جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘


”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“


آءٌ پاڻ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ۽ غصي، جوش ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ تو سان وڙهندس.


انهن نبين چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي خراب رستي ۽ بڇڙن ڪمن کان باز اچي تہ جيئن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهي سگھو، جيڪو ملڪ خداوند پراڻي زماني کان هميشہ هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.


ٿي سگھي ٿو تہ هو انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي خراب رستي کان باز اچن، تہ پوءِ هنن جي بڇڙن ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي تنهن کان آءٌ مڙي ويندس.


ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“


پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان پنهنجو قهر نازل ڪندي آءٌ اوهان تي حڪمراني ڪندس.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.


اي منهنجا خدا! پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، پنهنجيون اکيون کولي اسان، يعني پنهنجي انهيءَ شهر جي رهاڪن جي بربادي ڏس، جيڪو تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي. اسين پنهنجا عرض تنهنجي وڏي رحمت جي ڪري تنهنجي حضور ۾ پيش ٿا ڪريون، انهيءَ لاءِ نہ تہ اسين ان جي لائق آهيون.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهن هوندي بہ اڃا وقت آهي، جو اوهين پنهنجي پوريءَ دل سان، روزا رکندي، روئندي رڙندي ۽ پڇتائيندي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.“


سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.


ماڻهو توڙي جانور کٿا ڍڪين ۽ خدا کي تمام گھڻو ٻاڏائين. هر ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت ۽ پنهنجي هٿان ڪيل ظلم کان توبهہ ڪري.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻ‌ٻڌو ڪري ڇڏيو.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ