Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


پوءِ آءٌ يرمياہ توفت ۾ خداوند جو پيغام ٻڌائي موٽي هيڪل ۾ آيس، جتي اڱڻ ۾ بيهي مون سڀني ماڻهن کي چيو تہ


آءٌ دائود جي تخت تي ويٺل يهوداہ جي بادشاهہ، سندس عملدارن ۽ سندس سڀني درٻارين کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايان تہ


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


اتي اسان کي گھڻو عرصو لڳي ويو، تان جو روزي جو ڏينهن بہ گذري ويو. هاڻي تہ جهاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو هو. تنهنڪري پولس هنن کي صلاح ڏني تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ