Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:32 - Muslim Sindhi Bible

32 تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تڏهن يرمياہ ٻي ويڙهي کڻي باروڪ بن نيرياہ ڪاتب کي ڏني؛ جنهن يرمياہ جي واتان انهي ۾ اُنهي ڪتاب جون سڀ ڳالهيون لکيون، جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو: ۽ انهن کان سواءِ ٻيون انهن جهڙيون گهڻيون ئي ڳالهيون انهي ۾ گڏيون ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو.


باروڪ کين وراڻيو تہ ”هائو، هن مون کي لکرايون ۽ مون اهي مس سان چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکيون.“


جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


جيڪڏهن انهن ڳالهين جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي اوهان کي ستوڻي وڌيڪ سزا ڏيندس.


جيڪڏهن اوهين اڃا بہ منهنجي خلاف هلندا ۽ منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري وڌيڪ ستوڻيون آفتون اوهان تي نازل ڪندس.


تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان کي سلام ٿو چوان.


آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ