يرمياہ 36:29 - Muslim Sindhi Bible29 ٻيو تہ بادشاهہ يهويقيم کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’چمڙي جو اهو ويڙهوٽو ساڙڻ جي تو کي ڪيئن جرئت ٿي ۽ تو يرمياہ جي لکت کي ڇو رد ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هن ملڪ کي ناس ڪندو ۽ اتي جي ماڻهن توڙي جانورن کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 ۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.