Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ”تون چمڙي جو ٻيو ويڙهوٽو کڻ ۽ انهيءَ ۾ ان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀيئي ڳالهيون لکراءِ، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:28
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مگر هو پنهنجي ارادي تي قائم رهڻ وارو آهي، ڪوبہ کيس ڦيرائي نہ ٿو سگھي، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو ئي ڪري ٿو.


”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.


جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


جيڪڏهن اسين بي‌وفا ٿا ٿيون، تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو. هائو، جيئن تہ هو سچو آهي، سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ