Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:24 - Muslim Sindhi Bible

24 پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ بادشاهہ توڙي سندس نوڪر، جن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، سي ڊنا ڪين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


پوءِ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. هن کٿو گوڏ ڪري ٻڌو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ سوڳ ڪندو رهيو.


تڏهن دائود ڏک وچان وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن بہ ائين ئي ڪيو.


الياس جي انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اخي‌اب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، جسم تي کٿو ڍڪيائين ۽ روزو رکيائين. هو کٿي تي سمهڻ لڳو ۽ اداس رهڻ لڳو.


بلڪ تون تہ خداترسيءَ کي ڀڄائي ٿو ڪڍين، ۽ خدا جي حضور ۾ عبادت کي وڃائي ٿو ڇڏين.


بڇڙن جي دلين ۾ خدا جو ڪو خوف ڪونهي. سندن دلين تي رڳو گناهہ جي حڪمراني آهي.


هو اهو سمجھي پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين تہ ”اسان جي بدڪاري خدا ڏسي ئي نہ ٿو، سو هو اسان کي انهيءَ جي سزا نہ ڏيندو.“


هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“


پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گھر هليو ويو ۽ انهيءَ ڳالهہ جو بہ سندس دل تي ڪو اثر نہ ٿيو.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي اعليٰ عملدار واريون ڳالهيون ٻڌايائون.


جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ کٿو ڍڪي هيڪل ۾ ويو.


جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خوف وچان هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ ”اسين هي سڀ ڳالهيون ضرور بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.“


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو.


نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.


نہ وري کين خدا جو ڪو خوف آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ